الطاف اثيم

الطاف اثيم

الطاف اثيم

لطاف اثيم: الطاف حسين ولد محمد ايوب منگيءَ جو ادبي نالو ”الطاف اثيم“ آهي. سندس ادبي سڃاڻپ، شاعر، اديب ۽ محقق طور آهي. سندس جنم 2 آڪٽوبر 1948ع تي راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (سياسيات)، ايم. اي (آثار قديمه)، بي ايڊ ۽ ايل ايل بي آهي. شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ 1980ع کان 2008ع تائين، آثار قديمه شعبي ۾، تعليمي ۽ تدريسي خدمتون انجام ڏنيون. الطاف اثيم سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو ڏهن سالن تائين ڊائريڪٽر رهيو آهي. هو ”انڊس اسڪرپٽ ريسرچ سيل“ جو انچارج، پير راشد روضي ڌڻي چيئر جي صلاحڪاري بورڊ جو سيڪريٽري ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ جو پڻ ميمبر رهيو آهي. هو ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي بورڊ آف گورنرس جو رڪن به رهيو. هن شاعريءَ جي شروعات 1966ع کان ڪئي. 1970ع کان تحقيقي مقالا لکڻ شروع ڪيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ساعت ساعت راهه نهاريان“(پير ابو محمد صالح شاهه جيلاني جو ڪلام ۽ سوانح)، ”غلام حيدر گودڙئي جو رسالو“ ۽ ”سچل سرمست اور خواجہ فرید کی فکری مماثلت“ شامل آهن. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن، هو سچل چيئر جي تحقيقي جرنل ”آشڪار“ جو مرتب، آثار قديمه جي شعبي جي تحقيقي جرنل ”Ancient Sindh“ جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. کيس سچل سرمست لائيف ٽائيم اچيوَمينٽ اوارڊ، عطا محمد حامي لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ، خواجه غلام فريد اوارڊ، الڪبير اڪيڊمي اوارڊ، مخدوم عبدالرحمان شهيد اوارڊ ملي چڪا آهن. پاڻ ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو عهديدار هجڻ سان گڏ ”موهن جي دڙي جي فني صلاحڪار ڪميٽي“ ۽ مڪلي جي تاريخي ماڳن بابت آثار قديمه کاتي سنڌ جي اسٽئرنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي.


لفظ الطاف اثيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.10.02  عيسوي

الطاف حسين ولد محمد ايوب منگيءَ جو ادبي نالو ”الطاف اثيم“ آهي. سندس ادبي سڃاڻپ، شاعر، اديب ۽ محقق جي آهي. سندس جنم 2 آڪٽوبر 1948ع تي راڻيپور ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پارپتي رامڪرشن آڏواڻي
عثمان صديقي مخدوم
جوکيو ڄام بجار خان
شمس الدين تنيو ڊاڪٽر
اديب رضوي ڊاڪٽر
جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ
خواجه الله بخش غفاري سهڻا سائين
اي ڊي خواجه
ارباب حاجي عبدالله
سيد ولايت شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون